شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو

شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو

شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو

شيخ اياز جي شاعريءَ جو جديد مطالعو (ڪتاب): مهان ڪوي شيخ اياز جي فن ۽ فڪر بابت هيءُ ڪتاب مختلف محققن جي تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي ناليواري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر فياض لطيف ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل اَٺ تحقيقي مقالا شامل آهن، جن ۾: ‘شيخ اياز جو فڪري سفر’ (اڪبر لغاري)، ‘شيخ اياز جي شاعريءَ جو اڀياس’ (جامي چانڊيو)، ‘شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقي’ (ڊاڪٽر احسان دانش)، ‘شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪن جو اڀياس’ (عادل عباسي)، ‘شيخ اياز جي شاعري: فن ۽ فڪر’ (ڊاڪٽر شير مهراڻي)، ‘شيخ اياز جي شاعري ۽ ڏندڪٿائون’ (ننگر چنا)، ‘شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري’ (عزيز قاسماڻي)، ‘شيخ اياز جي لوڪ گيتن جو جمالياتي اڀياس’ (ڊاڪٽر فياض لطيف) شامل آهن.
هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر فياض لطيف لکيو آهي. 320 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هيءُ ڪتاب، پوپٽ پبليڪيشن خيرپور، مارچ 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو